اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفاقي وزير اسد عمر جي ??يادت ۾ حڪومتي وفد ملاقات ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ??يزن 2020ع جو حصو رهندي، وزيراعظم ڪراچي جي ??اءِ 162 ارب جو پئڪيج ڏئي چڪو آهي، راڻا ثناءُ الله پ??هنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ??اءِ پورو زور لڳائي رهيو آهي، خاص عدالت جو قيام ڪابينا جي ??نظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ انصاف جي ??راهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي ??اءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفاقي وزير اسد عمر جي ??يادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي ملاقات ڪئي.