اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندر اهم قومي سلامتي جي مسئلي تي قانون سازي جو ع??ل شروع ٿيو آهي اهي ملڪ جي سلامتي جو م??املو آهي جنهن تي پوري قوم متحد آهي، آئيني لحاظ کان قانون ۾ جيڪي جهول هئا اهي ختم ڪيا پيا وڃ??، پاڪستان جي دشمنن کي معلوم هجڻ گهرجي ته قوم پنهنجي هٿياربند فوج ??ان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سويلين بالادستي طرف اهم اڳڀرائي آهي جيڪڏهن قيادت ۾ ويزن ۽ بصيرت هجي ته ملڪي تقدير بدلجي سگهي ٿي.