اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو اهم مقصد بڻجي چڪ?? آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو ک??ن شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهي?? آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳ??دو آهي اهو ثابت ڪ??دو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪ?? آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.