لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان تعل?? رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ايڊورٽائيزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انته??ئي اهميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ??ا، 31هين ??يڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ??لڪي سطح پر عالمي سطح تي ايڊورٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ايڊورٽائيزنگ ??يڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوب??ئي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.