اسلا?? آباد – 01 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ججز جي خط جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هي?? آهي، اهڙن معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. اسلا?? آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط کي بحث هي?? آڻڻ جي لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي التوا واري رٿ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ورتو آهي، اهو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هي?? آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي تي هڪ بئنچ پڻ جوڙي ڇڏي آهي، اهڙن معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عدالت ۾ ٻڌڻي هي?? ڪنه?? به معاملي کي بحث هي?? نٿ?? آڻي سگهجي.