پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي مردان خان ??يلا جو دورو ڪيو ان ??وقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ??يلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ?? آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ??يلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ??يلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها عمارت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجه??ن جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان ??هرين ڄاڻايل عمارت ڌيان ??ه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ??ن جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عمارت علي مردان خان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪ??اوڊ آگسٽ ان عمارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين اتي رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عمارت کي سرڪاري طور تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان ??ستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها عمارت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آهي.