ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪ??ي ??هيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ??ري??ن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت عالمي تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طر?? گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ ضرو??ي ??هي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي براد??ي ??ي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.