اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي قرضن جي فراهمي جو باقاعده جائز?? ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي س??گرمين جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، ڪنس??رڪ??ن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي س??گرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن جو جائز?? ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ا??لاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي س??ن صرف ڪجهه هفتن ۾ هيستائين آسان قرضن جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن جنهن مان تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيون آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پنج ارب روپيا آهي