ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون سان ٽي سالن ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڪراچي پيڪيج تي ڪنهن ??ي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، جامع تعاون سان 1100 ارب روپين جي پيڪيج تي عملدرآمد سان ??ورتحال ۾ بهتري ايندي، الله جي رحمت ۽ قوم جي حيثيت سان ڪوششن جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ک??نپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران ??سماعيل سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.