اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلا??ڪا?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استح??ام لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ??يف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادارن کي مضبوط ب??اي?? پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مهينن ۾ اقتصادي محاذ تي اهم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مهيني ۾ روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري تي ضابطو آندو ويو، مالياتي خساري تي نه رڳو ضابطو آندو ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ۾ اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استح??ام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ??يف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلا??ڪا?? ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.