اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي رهنمائي لاءِ ??يو??ن صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائونسل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ??يو??ن صد?? جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ??يو??ن صد?? جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ??ئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوش??ال?? لاءِ دعا ڪئي وئي.