غزه-12 ڊسمبر (اي پي پي)غزه تي اسرائيل جي تازن حملن ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽر??ن جي حفاظت تي م??رر 12 فلسطيني گارڊ شهيد ٿي ويا. پرڏيهي م??ڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته ڪالهه صبح اسرائيلي فضائي حملن ۾ 12 فلسطيني گارڊن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي علائقي ج?? ڏاکڻي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽر??ن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. ايجنسي ج?? ترجمان موجب رفح ۾ هڪ حملي ۾ 7 محافظ، جڏهن ته هڪ ٻي حملي ۾ خان يونس ۾ 5 محافظ شهيد ٿيا. هن چيو ته انهن حملن ۾ اٽڪل 30 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ اڪثر ٻار شامل آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل ق??من جي ايجنسي ج?? حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اٽو کڻي ويندڙ ٽرڪ گڏيل ق??من جي فلسطيني پناهگيرن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي گودامن طرف وڃي رهيا هئا، اسرائيلي فوج انهن حملن بابت پڇيل سوالن جا فوري طور ڪي به جواب نه ڏنا.