ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وز??راعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن کي ضم ڪرڻ جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڻ بڻجي ويو آهي، 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو هو. هن چيو ته 2018ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 ارب ڊالر هئي، نائب وز??راعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ??ي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن محمد نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته قرضن جي شرح جي ڊي پي جو 63 سيڪڙو هئي، 2018ع ??انپوءِ پاڪستان جي قرضن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيو. نائب وز??راعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته وز??راعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. نائب وز??راعظم چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي.