اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوري?? جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوري?? جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن شهيد محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان مل?? جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهيد محترمه جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، ??يڪ?? هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي جيڪا مل?? جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ت??مي??ن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني ق??م صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهيد محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوري?? جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.