اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته واپار واري وزارت ۽ ان جا سمورا ذيلي ادارا رو??نگي واپار ڪندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪن. رو??نگي واپار جي صلاحيتن کي وڌ??ئڻ لاءِ حڪومت ڪوششون جاري رکيو پئي اچي. وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وفاقي وزير ڪالهه هتي واپار واري وزارت جي ذيلي ادارن جي داخلي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ماتحت ادارن کي پاڪستان جي واپاري ۽ رو??نگي واپار واري صلاحيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اُڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڄام ڪمال خان اختياين کي هدايت ڪئي ته اهي رو??نگي واپار جي سهولت کي ترجيح ڏين ته جيئن ان جي پيداواري صلاحيت کي وڌ کان وڌ ڪري سگهجي. هن پاڪستان جي رو??نگي واپار ۾ باسڪٽ کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي واپار کي وڌ??ئڻ لاءِ غير استعمال ٿيل عالمي مارڪيٽن جي تلاش جي اهميت تي زور ڀريو. علائقائي رجحانن کان اڳتي رهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي ڄام ڪمال خان پنهنجي ٽيم تي زور ڀريو ته هو وزيراعظم شهباز شريف جي رو??نگي واپار جي پاليسيءَ موجب اسٽر:ٽجڪ نقطهءِ نظر اختيار ڪن. هن چيو ته واپاري حصيداريءَ کي وڌ??ئڻ ۽ رو??نگي واپار جي حڪمت عملي کي بهتر بنائڻ جي هدفن جون ڪوششون اقتصادي ترقيءَ کي اڳتي وڌ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.