اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي سڌارن جو تسلسل جاري رهندو، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي آڻڻ ۾ قدم کڻي رهي آهي. گذريل ڏي??هن هتي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ اي ايس جي سسٽين پاڪستان جي پهرين پائيداريت تي ٻڌل آن لائن پليٽ فارم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا شيئرنگ کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڊجيٽل چئلينجز ۽ موقعا ئي مستقبل جو رستو آهن جيڪي شفافيت ۽ جوابدهي جي ڪلچر کي ??ٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اي ايس جي پليٽ فارم جو مقصد ڪمپنين ۽ ادارن کي ??نهنجي ڪاميابي جي ڪهاڻين ۽ بهترين طرز عمل شيئر ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو برابر ميدان فراهم ڪندو جتي سمورا ادارا چاهي ا??هن جو ڳاڻيٽو ڪجهه به هجي، پنهنجي ڪاميابين کي اجاگر ڪري سگهندا ۽ هڪٻئي کان سکي سگهندا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت معاشي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اهم معاشي اهڃاڻ هاڪاري آهن، خسارن تي ضابطو آندو ويو آهي، مٽاسٽا واري ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان صنعتن کي ??ائدو پهچي رهيو آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ اوسر جي سفر ۾ تيزي آڻڻ لاءِ جيڪي به ادارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن ا??هن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪاپ -29 جي موقعي تي پاڪستان ما??ول??اتي تبديلين کي ????هن ڏيڻ لاءِ مالياتي حڪمت عملي جي شروعات ڪئي آهي. ما??ول??ات، موسمياتي تبديلين جو اهم حصو آهي، جامع اقتصادي شموليت ۽ اوسر ۾ ان جي اهميت مڃيل آهي. هن ملڪ جي ٻن اهم ترين مسئلن جن ۾ آبادي ۾ اضافي ۽ ما??ول??اتي تبديليون شامل آهن، جي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ناڻي واري وزير چيو ته معاشري جي سمورن طبقن کي اقتصادي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ضروري آهي، پاڪستان جي معيشت ۾ هر هڪ کي ??نهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صنفي برابري قومي اقتصادي منظرنامي ۾ اهميت جوڳي آهي. افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم ضروري آهن. حڪومت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ نجي شعبي کي به پنهنجو هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ اوسر ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهميت وارو آهي. حڪومت پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين جي تسلسل کي ??قيني بڻائيندي، ت??هن هوندي به ترقي جي انجڻ جو ڪردار نجي شعبي کي ادا ڪرڻو آهي. حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پرڏيهي سيڙپڪارن کي ??ڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته معاشي سڌارن جو تسلسل جاري رهندو. سرڪاري ملڪيتي ادارن جو روزاني جو خسارو 2.2 ارب روپيا آهي، گذريل 10 سالن ۾ ايس او ايز جو خسارو 6 ٽريلين روپيا رهيو آهي. حڪومت نجڪاري جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي ۽ ان عمل کي شفافيت سان اڳتي وڌايو پيو وڃي.