اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ر??ڻا مشهود احمد خان ۽ صنعت ۽ پيداوار ??اري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي ملاقات ٿي آهي. اربع ڏينهن وزيرا??ظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. راڻا مشهود خان اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوالي سان ر??ڻا تنوير حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي راڻا تنوير حسين چيو ته سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ماحول دوست گاڏيون وقت جي ضرورت آهن. نئين اليڪٽرڪ پاليسي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي ترقي جي شروعات ڪندي. اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جو اعلان 30 نومبر تائين ڪيو ويندو. وزيرا??ظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون.