باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو سيشن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين صف ۾ مو??ود هو. فوٽو سيشن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ??يت??ن ئي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان فوٽو سيشن جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو ۽ هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??يت??ن ئي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سندس شاندار استقبال ڪيو.