اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي د??يا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ??ئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي د??يا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي د??يا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي ??ناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئ??ن موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.