اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر ف??صل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي و?? ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي و?? ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوش??ن تي زور ڏنو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ف??صل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبرپختونخواهه ?? نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خيبرپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.