اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڏي مقدار ۾ ڀارت ۾ تيار ٿيل نشي آور ??وريون ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي همٿائيندي چيو آهي ته مون سميت سڄي قوم کي ملڪي سا??ونڊي حدن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جا آفيسر ۽ اهلڪار نه رڳو پاڪستاني سا??ونڊي حدن جي حفاظت پر خطي ۾ غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ملڪي سا??ونڊي حدن جي حفاظت تي بيٺل پنهنجي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي.