اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي جتي هو جمعي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن تي گڏيل قومن جي ??هتمام هيٺ منعقد تقريب سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گولز ۾ شرڪت ڪئي جتي هن موسمياتي تبديلي بابت آفتن ۽ غيرمنصفاڻي عالمي مالياتي نظام سان وڌندڙ قرضن جي ڄار کان بچڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته وزيراعظم سمنڊن ??ي سطح ۾ اضافي جي ڪري وجودي خطري تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪالهه هڪ مباحثي ”ل??ڊرشپ فار پيس“ ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي مباحثي دوران وزيراعظم چيو ته وچ ا??ڀر?? يورپ ۽ ٻين جاين تي پکڙجندڙ جنگيون، وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ غربت ورلڊ آرڊر جي ??نيادن جي لاءِ خطرو آهن. هن عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ??جويز ڏني. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن مقصدن جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ عمل پيرا ٿيندو جڏهن هو ايندڙ سال ڪائونسل ۾ پنهن??ي سيٽ سنڀاليندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس جي موقعي تي وزيراعظم مالديپ جي ??در ڊاڪٽر ميوزو، ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان، ايران جي ??در مسعود پازشڪيان، فلسطين جي ??در محمود عباس، ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح ۽ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون.