اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته زر??عت ۽ آءِ ٽي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي ۽ ملڪ جي معاشي ترقيءَ جا محور آهن. هن اها ڳالهه يو ايس ڪموڊٽي فيوچر ٽريڊنگ ڪميشن (سي ايف ٽي سي) جي عالمي معاملن جي آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيون پِڪولي سان ملاقات دوران چئي. چيئرمين ايس اي سي پي عاڪف سعيد، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جا عملدار ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ زر??ي جنسن جي مارڪيٽ جي ڪردار ۽ پاڪستان ۾ جنسن جي مستقبل جي مارڪيٽ جي ترقي، ضابطي ۽ نگرانيءَ جي سلسلي ۾ سگهه وڌائڻ جي تربيتي سيشنز جي جاري سيريز ڪي لي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ سي ايف ٽي سي وچ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ناڻي واري وزير انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ زر??عت خاص طور تي ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ ان جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جتي مالي سال 24ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ 2.38 سيڪڙو جي اؤسر ٿي، زر??عت اقتصادي ترقي جو هڪ اه?? محرڪ طور اُڀري آهي ۽ وڏين فصلن جي پيداوار ۾ 6.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ زر??عت ۽ آءِ ٽي ٻنهي شعبن تي ڀاڙڻ وڏي حد تائين ملڪي عمل تي هلي ٿو، انهن شعبن ۾ صحتمن??اڻ?? ۽ مستقل ترقي قومي معيشت لاءِ اه??يت رکي ٿي. ٻنهي شعبن جي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ضروري آهي.