اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته ??سان غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ج?? مظلوم عوام جي حقن لاءِ عظيم ڪشميري اڳواڻ سيد علي گ??لاني جي جرئتمندي واري جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. هو ڏهاڪن تائين مزاحمت جي لاٽ بڻيل رهيو ۽ بي شمار ڪشميرين کي خوداراديت جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ڏنو . ڪشميري عوام جي جائز مقصد لاءِ سندس اڻٿڪ محنت ۽ قربانيون اسان جي دل ۽ دماغ تي هميشه نقش رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جا??ي ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري اڳواڻ سيد علي گ??لاني جي ٽئين ورسي جي موقعي تي جا??ي ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته ??يد علي گ??لاني هڪ عظيم اڳواڻ هو ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ سندس ارادا تمام گهڻا مضبوط هئا. قيد سميت ٻيون ڏکيائيون سندس عزم کي ڪمزور نه ڪر ي سگهيون ۽ هو پنهنجي مشن کان پويان نه هٽيو. هن چيو ته گيلاني صاحب هميشه پنهنجو ڌيان حتمي مقصد تي رکيو ۽ ڪڏهن به ڪشميري عوام کان سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ جي جدوجهد کان پويان نه هٽيو . سندس قيادت ڀارتي ظلم خلاف ثابت قدمي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي گ??را نقش ڇڏيا آهن . صدر مملڪت چيو ته ??ڄ اسان اهو عهد ڪيون ٿا ته ??يد علي گ??لاني سميت ٻين ڪشميري اڳواڻن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين . اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان سندن جائز جدوجهد لاءِ اخلاقي ، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??سان کي سيد علي گ??لاني جي مثالي بهادري ۽ جدوجهد مان سبق سکڻ گهرجي. هن ڌڻي در دعا ڪئي ته ??لله پاڪ سيد علي گ??لاني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.