اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، ??مي?? آهي ته جينڊر ايمپ??ور??ينٽ ۽ گرين اڪانامي جي موضوع تي منعقد ??ان??رنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ??ان??رنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهن، جن کي خودمختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو هدف حاصل ڪر?? جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيند??. ه?? چيو ته عورتن خلاف اعتراض جوڳن لفظن جو استعمال قبول?? جوڳو ناهي. موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ اهم عالمي مسئلو آهي، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻ?? جو سلسلو جاري آهي، گرين اڪانامي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان بلوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم کي ان اهم مسئلي تي ريجنل ??ان??رنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اسپيڪر ??مي?? ظاهر ڪئي ته اها ??ان??رنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿيندي.