اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ?? اٽلي جي سفي?? ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي م??ڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن دوست م??ڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي م??ڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊ??پ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش تي ٿور?? مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.