اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته بيلاروس پاران اول نائب پر??يهي وزير سرگئي لوڪا شيوچ وفد جي قيادت ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تع??ون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تع??ون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تع??ون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سفير سرگئي لوڪا شيوچ پر??يهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي تع??ون جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پر??يهي سيڪريٽري گڏيل فائديمند تع??ون کي وڌيڪ سگهه ڏ??ڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.