آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چي?? جي پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي گڏيل لاڀائتي تعاون ۽ اعليٰ معيار جي ترقي ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آستانه قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ج?? پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين?? پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد جي پيغام?? جي مٽاسٽا ڪئي جيڪي هڪ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ ۾ تبديل ٿي ويا آهن.