اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه ترقي بابت سعودي ??نڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي ??نڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانا??ي حاصل ٿيندي ??ر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ??نڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي ??نڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي تعمير جي لاءِ سعودي ??نڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانا??ي حاصل ٿيندي ??ر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي ??نڊ وزيراعظم سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزيراعظم سعودي ??نڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي ??نڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي ??اندان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم سعودي ??نڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي ??اندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.