اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي معيشت جي ??ختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي ??اءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿي??. ا??لاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي ??راهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معيشت جي ??ختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي ??اءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي ??اءِ منصوبن تي عملدرآمد يقين?? بڻايو و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو و??ي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي ??ئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ روڊ ميپ ۽ اهم ??عبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو وي??. ا??لاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي ??دايت ڪئي.