اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان جي 14 هين صدر جي حيثيت سان حل?? کڻڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. قومي تراني کانپوءِ نئين چونڊيل صدر هٿياربند فوج جي دستي پاران پيش ڪيل گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ايوان صدر جي آفيسرن ۽ عملي سان هٿ ملايو. آچر ڏينهن چيف جسٽس آف پا??ستان قاضي فائز عيسيٰ صدر آصف علي زرداري کان سندس عهدي جو حل?? ورتو هو.