اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شع??ي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فا??ونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شع??ي ۾ ريڊ فا??ونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فا??ونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فا??ونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪ??ي رهي آهي، فا??ونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آهي، ريڊ فا??ونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قد?? کڻي رهي آهي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪ??دار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شع??ي ۾ ريڊ فا??ونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.