اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاع??ت، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناول نگار، محقق، نقاد ۽ دا??شور اسلم رسولپوري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته مرحوم اسلم رسالپوري جي علمي خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، مرحوم سنڌي شاعرن سچل سرمست، بيدل سنڌي ۽ حمل لغاري جي سرائيڪي ڪلام جي تدوين جي ذريعي سنڌي ۽ سرائيڪي تصوف جي روايتن جي ماخذات جي هم آهنگي کي اجاگر ڪيو ۽ سندس اهو تحقيقي ڪارنامو سد??ئين ياد رکيو ويندو. مرتضيٰ سولنگي مرحوم اسلم رسالپوري جي وارثن ۽ پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي ??رحوم جي درجن جي بلندي ??اءِ دعا ڪئي.