لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشري??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آه??، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آه?? جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آه??، علم حاصل ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه هن انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وائيس چانسلر آءِ ٽي يو پروفيسر ڊاڪٽر عدنان نور، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آه?? جن ۾ معاشي بدحالي، عدم برداشت ۽ پرتشدد رويا شامل آه??. انهن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ شاگردن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي هن چيو ته قومون چئلينجز کي منهن ڏينديون آه??، چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آه??، انسانيت سمورن مذهبن جو ن??ب العين رهي آه?? ۽ اهو ئي مقصد تعليم جو آه?? ته اسان هڪ بهتر انسان بڻجون. هن چيو ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آه??، موسمياتي ايمرجنسي جا اثر هر ڏينهن ڏسون ٿا، اسان کي قدرتي ماحول جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منفي پروپئگنڊه جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي نگران وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه م??ڻهو ريٽنگ جي چڪر ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا جنهن جو اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جهڙيون ريسرچ يونيورسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيون آه??، جيڪڏهن ان کي برقرار رکيو وڃي ته م??ڪلاتن جو حل نڪري ايندو. اطلاع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان حوالي سان ناليواري جرمن ڊراما نگار بهٽ??لٽ بريٽ جي مشهور ڊرامي ”دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول“ (ڇوٽ ۽ قاعدو) جي پرولاگ جو پڻ حوالو ڏنو. ڪانووڪيشن ۾ 524 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون جڏهن ته 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان کان اڳ اطلاع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب ۾ شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.