پيرس- 22 ڊسمبر (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار ??حمد پيرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪرسمس ڊنر جو اهتمام ڪيو. سفارتخان?? پاران جاري ٽوئيٽ موجب آجياڻي ۾ مشهور فرانسيسي شخصيتن ۽ سندن ڪٽنبن، پاڪستاني مسيحي برادري، سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سفير عاصم افتخار ??حمد مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪيڪ به ڪٽيو ويو ۽ مهمانن کي روايتي پاڪستاني کاڌا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ ٻارن ۾ تحفا به ورهايا ويا.