اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي باني پاڪستان قائداعظم محمد عل?? جناح کي سندس 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد عل?? جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، باني پاڪستان قائداعظم محمد عل?? جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ ??هڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته باباءِ قوم پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي باباءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ ??ظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.