اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي سختي سان رد ۽ فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي عدليه فاشسٽ هندوتوا نظريي آڏو ڪنڌ جهُڪائي ورتو آهي ۽ هو ڀارتي حڪومت جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو برقرار رکڻ جو فيصلو سختي سان رد ڪري ٿو، اهڙي طرح جا فيصلا ڀارت جي والاريل ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نٿا ڏئي سگهن ڇو ته ڄ??ون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موج??د آهي. صدر چيو ته ڀارتي عدليه ڀارتي حڪومت جي لاءِ موزون فيصلا ڏئي رهي آهي، اهڙا فيصلا ڀارت جي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نه ٿا ڏئي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڄ??ون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڄ??ون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موج??د آهي. صدر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي عدالتن مان مسلمانن جي خلاف فيصلا ڏيڻ جي هڪ تاريخ آهي، بابري مسجد، سمجهوتا ايڪسپريس، حيدرآباد مڪه مسجد ڌماڪي ۽ 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران نرودوگام قل عام جا فيصلا ان جو مثال آهن. صدر چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي حيثيت نه ٿو بدلائي سگهي، اهو فيصلو والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي ماصي ۾ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪر??ئي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.