اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت ??اري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، ڪابه قوم تعليم بنا ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي انتظام هيٺ ??ون??ورسٽين جي سهڪار سان شاگردن وچ ۾ هڪ بزنس پلان مقابلي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو. ڪامسيٽ ??ون??ورسٽي، رفاه ??ون??ورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، ڪيپٽل ??ون??ورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ايڇ آءِ ٽي اي سي ??ون??ورسٽي ٽيڪسلا، نيشنل ??ون??ورسٽي آف سائنس ايند ٽيڪنالاجي، نسٽ بزنس اسڪول، قائداعظم ??ون??ورسٽي، انٽرنيشنل اسلامڪ ??ون??ورسٽي، شفا تعمير ملت ??ون??ورسٽي ۽ فاطمه جناح وومن ??ون??ورسٽي جي شاگردن بزنس پلان جي مقابلي ۾ حصو ورتو. ان موق??ي تي خطاب ڪندي تعليم واري وزير چيو ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ سرگرم عمل آهي. هن چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ڪابه قوم تعليم بنا بهتر ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي، بهتر تعليم ذريعي انساني وسيلن جي ترقي حڪومت جي پاليسيءَ جو مرڪزي ٿنڀ آهي. هن چيو ته حڪومت پهرين قومي ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ پاليسي جوڙي آهي جنهن جو مقصد تربيت ??افته ۽ هنرمند افرادي سگهه تيار ڪري صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. هن ??ون??ورسٽين جي شاگردن وچ ۾ بزنس پلان مقابلو منعقد ڪرڻ تي چيمبر جي قدمن کي ساراهيو، ڇاڪاڻ ان سان شاگردن کي جديد بزنس آئيڊياز پيش ڪرڻ ۽ ڪاروباري صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ٿو. هن چيو ته سندس وزارت چيمبر سان گڏجي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي لاءِ سندن معيارن موجب تربيت ??افته ۽ هنرمند افرادي سگهه تيار ڪري سگهجي.