اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل ??وڌ??ي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس نوجوان پٽ جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر طارق فضل ??وڌ??ي جي مرحوم پٽ جي لاءِ فاتحه ??وا??ي ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ناڻي وارو وفاقي وز??ر محمد اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ هئا.