اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌ?? مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪريسي پاران خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيوروڪريسي ملڪي ترقي ۽ عوا?? جي ڀلائي لاءِ محنت ۽ اخلاص سان ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ??رڪاري عملدارن کي وقت سر فيصل?? وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي بهتر اخلاق ۽ انڪساري جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي کي نظام بهتر بڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاسازي جي لاءِ ??فيسر پاڻ ک?? جديد مهارتن سان ليس ڪن جڏهن ته عوا?? جي خدمتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ ??ديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي پنهنجي شعبي ج?? جديد مهارتن سان ليس ڪن ۽ تيز رفتار ترقي جي لاءِ ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائين.