اسلام آباد – 06 –جول??ءِ (اي پي ??ي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪس??ان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي ل??ءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪس??ان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر ??وال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪس??ان تڪرارن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي ل??ءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.