ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مرحومه فوزيه وهاب غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ سياستدان، پروقار شخصيت جي مالڪ ۽ ثابت قدم اڳواڻ هئي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اهم عورت اڳواڻ مرحومه فوزيه وهاب کي ان جي 11 هين ورسيءَ تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته فوزيه وه??ب جي پارٽي جي لاءِ خدمتون ڊگھيون ۽ شاندار آهن ۽ هو قيادت ۽ جيالن جي دل??ن ۾ سدائين زندهه رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.