اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪ??دي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀ??ائ?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن ??ي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽو??رازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.