اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي سينيئر آفيسر محمد عا??م کي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت جي منظوري سان انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر محمد عاصم جي بدلي ڪري ان کي فوري طور تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ هو اطلاعات واري وزارت جي سينٽر آف ڊيجيٽل ڪميونيڪشن (سائبر ونگ) جي ڊائريڪٽر جنرل طور تي خدمت??ن سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ ان وٽ اي پي پي جي اضافي چارج پڻ هئي.