اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ب??طا??يا جي بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي ب??طا??يا جو دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي ب??طا??وي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??زيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته ??زيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته ??اڪستان ۽ ب??طا??يا جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ پاڪستاني – ب??طا??وي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان ب??طا??وي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿ?? ۽ ??اڪستان ۽ ب??طا??يا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.