اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل ??اجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئي؟ توشه خانه جون گهڙيون باجو?? جي چوڻ تي چوري ڪيون؟ عدت ۾ شادي باجو?? جي چوڻ تي ڪئي؟ ملڪ رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجو?? جي چوڻ تي رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجو?? جي چوڻ تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي باجو?? جي چوڻ تي ڪئي؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجو?? جي چوڻ تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز الاهي کي وڏو وزير باجو?? جي چوڻ تي هنيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجو?? جي چوڻ تي ٽوڙيون؟ هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وزيراعظم هائوس هيليڪاپٽر جو س??ر ڪندو هو؟.