اسلام آباد – 24 – مارچ (اي ??ي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ايندڙ هفتي ڪوالالمپور ۾ ٿيندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بر??فن?? ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ايجنڊا ۾ سياسي، سيڪيورٽي ۽ فوجي تعاون کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪ??ري جا ل??ڳاپا، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون، صحت، سياحت ۽ ثقافت تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌريون علائقائي ۽ عالمي مسئلن بشمول ايشيا پيسفڪ خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.