لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪ??هن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وز??راعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وز??راعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم شهرين جي لاءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو، انتظام ڏٺا. وز??راعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪ??هن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن. وز??راعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وز??راعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وز??راعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وز??راعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وز??راعظم انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.