ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پاڪستان نيوي ??ي اهتمام هيٺ جاري عالمي گ??يل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوء?? ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گ??يل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وز??راعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ان موقعي تي وز??راعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گ??يل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.