اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پ??سڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري اٽي جي 40 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپين جي گهٽتائي ٿي جيڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏني وي??دي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخير?? جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي وي?? آهي جڏهن ته جنوري جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچي وي??دو. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جا ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيراعظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ وار?? وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽ??ين شرڪت ڪئي.